تازه ترين

لاڙڪاڻي ويجهو  سڱاوتي تڪرار تان پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ويجهو  سڱاوتي تڪرار تان پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد پريل بروهي ۾ دلي جان بروهي پنهنجي نياڻي خير بي بي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيءُ ۽ ڌيءُ جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ  بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته سڱاوتي معاملي تان پيءُ پنهنجي نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پيءُ ۽ ڌيءُ جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون