لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد ماروي ٽائون ڀرسان 24 ورهين جي الهه داد پٽ احمد بخش بروهي جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو.
نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ان حوالي سان ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي شهر جي ڪورائي ڪالوني جو رهواسي الهه داد پٽ احمد بخش بروهي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن ۽ معاملي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي..