تازه ترين

لاڙڪاڻي ويجهو ڏاهاڻي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران  اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا قتل

لاڙڪاڻي ويجهو ڏاهاڻي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران  اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ هڪ اهلڪار سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽  نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران واقعي جو نوٽيس  ورتو ويو آهي.

ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ چانڊيا ۽ ڏاهاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب محمد حسن چانڊيو ۽ عمران ڏاهاڻي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾  پوليس موبائل ۾ گشت ڪندڙ ايس ايس آءِ سلطان شاهه شهيد ٿي ويو.

فائرنگ ۾  ڊي ايس پي بشير شر، اهلڪار موهل، عبدالغفار ڏاهاڻي، عرفان ڏاهاڻي، مسعود ڏاهاڻي، گل بيگ ڪورڪاڙي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.

ايس ايس پي عبدالرحيم شيرازي پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ شهيد ۽ ڊي ايس پي سندس گارڊ زخمي ٿيا آهن.

هن چيو ته واقعي ۾ جيڪو به ملوث هوندو کيس بخش نه ڪيو ويندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي.

نگران وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
40 %
4.4kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون