لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جاويد سونهاري جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ پوليس، رينجرز ۽ فوج ذريعي آپريشن ڪيو ويندو، مغوين کي بازياب ڪرائي امن امان جي بحالي يقيني بڻائي ويندي.
لاڙڪاڻي ۾ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي حوالي سان ڊي آءِ جي آفيس اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جاويد سونهارو جسڪاڻي ۽ رينجرز جي برگيڊيئر سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جاويد سونهاري چيو ته ڪچي ۾ پوليس، رينجرز ۽ فوج ذريعي آپريشن ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن ڪچي جي علائقن کانسواءِ پڪي ۾ به بنا فرق جي ڪيو ويندو جنهن لاءِ ضلعي سطح تي هڪ ٽاسڪ فورس جوڙيو ويندو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ انٽيليجنس ايجنسيز به شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته آپريشن جي رٿابندي ٽاسڪ فورس سان ملي ڪري ڪئي ويندي، آپريشن جي عمل جي سربراهي پوليس ڪندي جڏهن ته باقي ادارا پوليس جي مدد ڪندا ۽ تمام جلد اهڙو آپريشن پڻ شروع ڪيو ويندو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جاويد سونهاري چيو ته ڪچي مان مغوين کي حفاظت سان بازياب ڪرائي امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ان لاءِ لاڙڪاڻي رينج پوليس جون ڪوششون جاري آهن، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جي ذميواري آهي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.