تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ۾ وھنجندي ٻه نينگر ٻڏي ويا

لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ۾ وھنجندي ٻه نينگر ٻڏي ويا، علائقي واسين ھڪ نينگر کي بچائي ورتو، جڏھن تھ هڪ جي ڳولا جاري آهي.

نظر محلا ڀرسان رائيس ڪئنال لوهي پل وٽ 13ورهين جو نصر الله پٽ رشيد سيال 9 ورهين جو عامر پٽ الھھ بخش سيال وهنجڻ دوران ٻڏي ويا .

علائقي واسين 9 ورهين جي عامر سيال کي بچائي ورتو جڏهن ته نصرالله سيال جي ڳولا جاري آهي.

نينگرن جي وارثن ٻڌايو ته ٻئي نينگر مسجد انور مصطفي ۾ ديني تعليم پرائيندا آهن، رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا، علائقي واسين عامر سيال کي بچائي ورتو جڏهن ته نصرالله سيال جي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جاري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون