لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڏوڪري واسي نوجوان جي بازيابي لاءِ سندس وارث عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مغوي نوجوان جي وارث عورتن طرفان عذرا ٻٽ، نظيران خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي م پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙ عورتن الزام هنيو ته سندن پلاٽ تي بااثرن قبضو ڪيو آهي.
متاثر عورتن الزام هنيو ته احتجاج ڪرڻ تي بااثرن سندن نوجوان حيدر اعلي ٻٽ کي اغوا ڪري ويا آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري سندن نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.