لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو.
شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ايوب ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي بلقيس زال انور کهاوڙ مارجي وئي، اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري واقعي بابت پڇا ڳاپا ڪري جاچ ڪئي.
حيدري پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب بلقيس کهاوڙ کي وِيسي جي پئسن تان مظهر کهاوڙ ۽ ٻين قتل ڪيو آهي جنهن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي
