تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي  آٽوز مالڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

 لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي  آٽوز مالڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف آٽوز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وليد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند، آٽوز مالڪ شهزادو ابڙو کي  زخمي ڪري ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

 آٽو اينڊ گيريج ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان واقعي خلاف ذوالفقار علي کهڙو، علي حسن ڪهيري، محمد امين قادري، عابد علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته جوابدارن حبدار شر، عمران ، ڪامران، ڪيهر شر سميت ٻين دڪان ۾ داخل ڪري شهزادي ابڙي کي بندوق جا بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

مظاهرين چيو ته واقعي جي وليد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪو به تحرڪ ناهي ورتو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون