لاڙڪاڻي ۾ پاڻ ساڙيندڙ پوليس اهلڪار زندگي جي جنگ هارائي ويو.
پوليس اهلڪار يعقوب دايي سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ زخمن جا سور نه دم ڌڻي حوالي ڪيو.
رتوديرو جي رهواسي سپاهي يعقوب دايي رٽائرمينٽ لاءِ ڏنل درخواست منظور نه ٿيڻ خلاف 4 ڏينهن اڳ ٿاڻي اندر پاڻ تي پيٽرول هاري باه ڏني هئي جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.
ڊاڪٽرن موجب يعقوب دايو جو 75 سيڪڙو جسم سڙي ويو هو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ آندو ويو هو جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.
فوتي اهلڪار جي پٽ عابد دايي ٻڌايو ته سندس والد کي پوليس اختيارين ننڌڻڪو ڪري ماريو آهي، لاڙڪاڻي اسپتال مان 16 هزار ايمبولينس جا ڏئي ڪراچي روانو ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پوليس اختيارين ڪا سار نه لڌي، نتيجي ۾ والد تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.
فوتي اهلڪار جي پٽ عابد دايي چيو ته ايس ايس پي آفيس ۾ ويٺل رشوت خور عملي سندس والد کي خودڪشي ڪرڻ جهڙي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو، معاملي جو اختياريون نوٽيس وٺن…..