- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر ايم پي اي نثار کهڙو جي گهر تي دستي بم حملو ڪيو ويو آهي، گهرو وزير ضياءُ لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد لطيف ڪالوني ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل جوابدارن پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو جي گهر ٻاهران دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي سول لائين سميت ضلعي جي پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم پهچي شاهديون گڏ ڪيون، لاڙڪاڻو پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو ٻڌايو ته واقعو دهشتگردي آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٻه جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاريءَ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ ٻڌايو ته اهي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي رهائشگاهه اندر موجود هئا ته ٻاهران موٽرسائيڪل سوار ٻه جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، وڌيڪ پوليس نفري پهتي آهي جن طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار صوبائي صدر نثار کهڙي جي گهر ٻاهران دستي بم حملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
گهرو وزير ضياءُ لنجار جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، پوليس ٽيم کي متحرڪ ڪري حقيقي جوابدارن تائين پهچ کي يقيني بڻايو وڃي.
نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته اهڙا ڌماڪا هن کي جمهوريت ۽ عوام لاءِ جدوجهد کان نٿا روڪي سگهن، هو جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو، ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهي.
هن چيو ته اهڙو حملو ماضيءَ ۾ ڄام صادق جي دور ۾ به ٿي چڪو آهي، اهو نه پهريون ڊنو هو نه هاڻي ڊڄندو، کيس هيسائي نٿو سگهجي.
نثار کهڙي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان فون تي رابطو ڪري واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.- Advertisement -
