تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ 5کان 15گريڊ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ 5کان 15گريڊ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

اميدوارن آڪاش شاهاڻي، وقار ابڙي، واصف چانڊيي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ اميدوارن چيو ته سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي سکر جي ذريعي ٽيسٽ ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

هنن چيو ته ٽاپ ٽو باٽم ميرٽ لسٽ جاري نه ڪئي وئي آهي، ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ميڪنزم به نه جوڙيو ويو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته پاس لسٽ جي ذريعي انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي جوڙي وئي آهي، کين خدشو آهي ته اهل اميدوارن کي نظرانداز ڪري رشوت ۽ پنهنجا نوازي تحت ڀرتيون ڪيون وينديون.

اميدوارن مطالبو ڪيو ته گريڊ هڪ کان 15 جي سرڪاري نوڪرين ۾ انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي ختم ڪري ميرٽ لسٽ جاري ڪري آفر آرڊر جاري ڪري ڏنا وڃن

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون