اسرائيلي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته لبنان تي تازن حملن ۾ حزب الله سربراهه حسن نصرالله جي ڌيءَ زينب نصرالله شهيد ٿي وئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا رپورٽ موجب، بيروت ۾ حزب الله جي هيڊڪوارٽر تي ڪيل اسرائيلي حملني ۾ زينب نصرالله جي شهادت جي دعوى ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حزب الله يا لبناني عملدارن طرفان ان خبر جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
اسرائيلي ميڊِا موجب، زينب نصرالله لبنان ۾ حزب اللهي حمايت ۽ پنهنجي خاندان جي قربانين جي لاءِ هڪ مضبوط آواز طور سڃاڻپ رکندي هئي.
گذريل ڏينهن حزب الله سربراهه حسن نصرالله کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ 6 عمارتون تباهه، 8 ڄڻا شهيد ۽ 91 زخمي ٿيا هئا.
حزب الله ذريعن موجب، حسن نصرالله محفوظ آهي، حزب الله طرفان 65 راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن کي باهه وڪوڙي وئي، اسرائيلي شهر تل ابيب ۾ حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو، هوائي دفاعي نطام الرٽ آهي، جڏهن ته شيلٽرز به کوليا ويا آهن…..