تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لبنان جي راڄڌاني بيروت تي اسرائيلي جنگي جهازن جو حملو، ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 74 زخمي

- Advertisement -
لبنان جي راڄڌاني بيروت تي اسرائيلي جنگي جهازن جي حملي  ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 74 زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج دعوى ڪئي آهي ته حلي ۾ حزب الله ڪمانڊر فواد شـُڪر مارجي ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب حملي ۾ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جو فوجي صلاحڪار سيد محسن فواد شڪر جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب فواد شڪر کي حاجي محسن ۽ محسن شڪر جي نالي سان به سڃاتو ويندو هو، آمريڪا سندس سر جي قيمت 5 ملين ڊالر رکي هئي. فواد شڪر 1985ع ۾ حزب الله ۾ شامل ٿيو ۽ تنظيم جي اهم جهاد ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. اسرائيل موجب آپريشن گولان هائٽس تي حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ دروز قبيلي سان تعلق رکندڙ 12 اسرائيلي شهري مارجي ويا هئا، جڏهن ته حزب الله حملن ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي هئي. ٻئي طرف بيروت ۾ اسرائيلي حملي جي حوالي سان لبناني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 74 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. لبنان جي نگران وزيراعظم نجيب مڪاتي ڪابينا جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو. سندس چوڻ آهي ته حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اسرائيل کي جواب ڏيڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون