لبنان جي راڄڌاني بيروت تي اسرائيلي جنگي جهازن جي حملي ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 74 زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج دعوى ڪئي آهي ته حلي ۾ حزب الله ڪمانڊر فواد شـُڪر مارجي ويو.
اسرائيلي ميڊيا موجب حملي ۾ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جو فوجي صلاحڪار سيد محسن فواد شڪر جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب فواد شڪر کي حاجي محسن ۽ محسن شڪر جي نالي سان به سڃاتو ويندو هو، آمريڪا سندس سر جي قيمت 5 ملين ڊالر رکي هئي.
فواد شڪر 1985ع ۾ حزب الله ۾ شامل ٿيو ۽ تنظيم جي اهم جهاد ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو.
اسرائيل موجب آپريشن گولان هائٽس تي حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ دروز قبيلي سان تعلق رکندڙ 12 اسرائيلي شهري مارجي ويا هئا، جڏهن ته حزب الله حملن ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي هئي.
ٻئي طرف بيروت ۾ اسرائيلي حملي جي حوالي سان لبناني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 74 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.
لبنان جي نگران وزيراعظم نجيب مڪاتي ڪابينا جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.
سندس چوڻ آهي ته حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اسرائيل کي جواب ڏيڻو پوندو.