تازه ترين

ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ن ليگ کان آهي يقين آهي ته نوازشريف ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ن ليگ کان آهي، يقين آهي ته نوازشريف ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو، ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته سنڌ ۾ اسڪيمون بند ۽ ٻين صوبن توڙي وفاق ۾ جاري رهن، يا ته پنجاب سميت ڪنهن به صوبي ۾ اسڪيم نه هجي يا وري سڀني کي اجازت هجڻ گهرجي، عوام لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، کين ڪا دلچسپي ناهي ته قيدي نمبر فلاڻو ڪير آهي، ڪو ڇا پيو ڪري  ۽ ڪير ڪٿان پيو اچي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ن ليگ کان آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سموريون   سياسي پارٽيون گڏ اليڪشن جو مطالبو ڪن ها.

هن چيو ته پي ڊي ايم جي سمورن اتحادين کي به گڏ کڻي هلجي ها، ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ن ليگ کان ئي آهي، ٻئي ڪنهن کان هجي ها ته هو ان جو به نالو وٺي ها.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن جو اعلان ڪرڻ نه اسٽيبلشمنيٽ نه ئي وٽس آهي، اهو اليڪشن ڪميشن جو  اختيار آهي، فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ گهرجي.

پ پ چيئرمين چيو ته ترقياتي فنڊن جي منصوبن تي قانون واضح آهي ته منظور ٿيل منصوبا جاري رهڻ گهرجن، رڳو 90 ڏينهن لاءِ روڪڻ جي ڳالهه هجي ها ته مسئلو نه هو پر کين ته اليڪشن جي تاريخ نظر ئي نه پئي اچيَ.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته سنڌ ۾ اسڪيم کي اجازت نه ڏني وڃي ۽ ٻين صوبن توڙي وفاق ۾ اسڪيمون جاري رهن، اتي نه مختلف اسڪيمون شروع ڪيون پيون وڃن ججن کي بيا وياج قرض ڏنا وڃن.

هن چيو ته يا ته پنجاب سميت ڪنهن به صوبي ۾ اسڪيم نه هجي يا وري سڀني کي اجازت هجڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو پراڻو مطالبو هو ته نوازشريف واپس اچي، هو کيس ڀليڪار ڪندا، يقين آهي ته نوازشريف ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو.

پ پ چيئرمين چيو ته پ پ اڳواڻن خلاف نيب ڪيس پراڻا آهن، جيڪي موجود اليڪشن تي اثرانداز نه ٿيندا.

هڪ سوال جي جواب  ۾بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي پاڪستان ۾ تاريخي سطح تي پهچي چڪي آهي، عوام لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، کين ڪا دلچسپي ناهي ته قيدي نمبر فلاڻو ڪير آهي، ڪو ڇا پيو ڪري ۽ ڪير ڪٿان پيو اچي، عوام پريشان آهي ته اسڪول جي في ڪيئن ڀري وڃي ۽ بجلي جو بل ڪيئن ادا ڪجي؟

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي سڌيءَ ريت ڏيکارڻ سٺو قدم آهي،

خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي، عالمي برادري ڪيستائين ڀارت جا اهڙا قسم نظر انداز ڪندي رهندي، ڪينيڊا ۾ جيڪو ٿيو، ان تي پرڏيهي آفيس کي کليل نموني ڳالهائڻ گهرجي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
11 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون