- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عبوري هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جي جاءِ تي نيوزيلينڊ ٽيم جو اڳوڻو هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن مضبوط اميدوار آهي، مائيڪ هيسن هن وقت پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو هيڊ ڪوچ آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مائيڪ هيسن سان رابطو ڪيو آهي،
گذريل سال به پي سي بي ساڻس رابطو ڪيو هو پر مصروفيتن سبب هيسن آفر قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي،
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت مائيڪ هيسن ۽ پي سي بي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، واضح رهي ته اڳوڻو هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق به ھيڊ ڪوچ جي ڊوِڙ ۾ شامل ھوپر مائيڪ هيسن مضبوط اميدوار نظر اچي رهيو آهي،
ذريعن موجب پي سي بي هڪ ڀيرو ٻيهر پرڏيهي هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. هيڊ ڪوچ لاءِ ليول ٿري ڪوچنگ جي قابليت گهربل آهي، پي سي بي 4 مئي تائين درخواستون طلب ڪندو
جولاءِ 2012 ۾ مائيڪ ھيسن کي جان رائٽ جي جاءِ تي نيوزيلينڊ جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو. مائڪ هيسن آءِ پي ايل ۾ پڻ هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي .- Advertisement -
