تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مائڪرو چپس ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز تي وڏو ٽيرف لڳائي رهيا آهن:امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مائڪرو چپس ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز تي وڏو ٽيرف لڳائي رهيا آهن، جيڪڏهن اهي امريڪا ۾ ٺاهيون وڃن ته ڪوبه چارج نه هوندو. اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته هو چپس ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز تي تقريبن هڪ سئو سيڪڙو ٽيرف لڳائيندا. سندس چوڻ ه ته ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو آهي، روس تي ٽيرف جو تعين بعد ۾ ڪندا، چين تي ٽيرف جو اعلان ڪري سگھن ٿا. امريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ته هو وري حملو ڪندا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روسي صدر پيوٽن سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، روسي اختيارين سان ڳالهين گھڻي اڳڀرائي ٿي آهي هي هڪ سٺو موقعو آحي روسي عملدارن سان جلد ملاقات ٿيندي. هن چيو ته هڪ سال اڳ چيو پيو وڃي ته امريڪا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي اڄ ڪيتريون ئي ڪمپنيون امريڪا ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. امريڪي صدر موجب، سيڙپڪاري لاءِ نار ملڪن سميت ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، ايپل سميت ڪيتريون ئي ڪمپنيون امريڪا واپس اچي رهيون آهن، ٽيڪ ڪمپنيون امريڪا ۾ اربين ڊالر سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته امريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون