ماتلي ۾ پنج مهينا اڳ مدرسي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان حافظ ارشاد پتافي جو ڳولا باوجود ڏس پتو نھ پئجي سگھيو آھي.
پراسرار نموني گم نوجوان حافظ ارشاد پتافي جي وارثن ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙ علي بهادر پتافي، حسنھ ۽ ٻين چيو تھ حافظ ارشاد پتافي فضل آباد ڪالوني جي مدرسي ۾ ڇھن سالن کان ديني تعليم پرائي رهيو هو.
ھنن چيو تھ ماتلي ٿاڻي تي مدرسي جي انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، جاچ دوران نوجوان موبائل فون به هٿ آهي پر پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو تھ جوابدارن کي گرفتار ڪري نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي.


