- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس سان اڄ ملاقات کانپوءِ ماسڪو کان تيل ۽ گيس خريد ڪندڙ ملڪن تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪندا.
واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته سندس خاص ايلچي اسٽو وِٽڪوف اڄ ماسڪو ۾ روسي قيادت سان ملاقات ڪندو.
سندس چوڻ هو ته هن پاڪ ڀارت سميت ڪيتريون ئي جنگيون روڪرايون، روس يوڪرين جنگ سندس نه پر بائيڊن جي آهي.
غزه جي حوالي سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته غزه ۾ ماڻهن کي کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسرائيل ورڇ ۾ مدد ڪندو ۽ عرب رياستيون رقم سان مدد ڪنديون.
سموري غزه تي اسرائيلي قبضي جي منصوبي بابت سوال تي امريڪي صدر چيو ته سندس حڪومت جو ڌيان فلسطينين جي محصور علائن ۾ وڌ کان وڌ غذا پهچائڻ آهي.
هن چيو ته غزه جي باقي معاملن تي ڪجهه نٿو چئي سگھي، اهو اسرائيل تي منحصر هوندو.
واضع رهي ته اڱاري تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اڱاري تي سينيئر سڪيورٽي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب نيتن ياهو غزه ۾ مڪمل فوجي قبضي جي حمايت ڪئي.- Advertisement -
