مالي سال 25-2024 جي وفاقي بجيٽ جي منظوري بابت وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
2 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ بابت بريفنگ ڏيندو.
وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي منظوري به ڏيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز آهي.
وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ دستاويزن تي صحي به ڪندو.
وفاقي ڪابينا پيپلز پارٽي جي خدشن جو به جائزو وٺندي.