تازه ترين

مانجهند انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو، ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن.

مانجهند ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت پنج ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ سرائي سولنگي ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ زين علي، نديم خواجا، علي ڪاظم، عبدالغني ۽ علي جان شاهه ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته لاهور واسي محمد اسحاق نيازي، ماجد ۽ احسن بلاول نيازي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو.

موٽروي پوليس موجب، حادثو غلط سائيڊ وٺڻ سبب پيش آيو.

وڏا ڇڇر پوليس حادثي جو شڪار ٻنهي ڪارن کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مانجهند ويجهو انڊس هاءِ وي تي روڊ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته روڊ حادثي ۾ پنجن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي افسوس ٿيو آهي، فوتين جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.

وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪندي چيو ته زخمين جو بهترين علاج ڪرايو وڃي.

وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته مانجهند ويجهو ٻن ڪارن ۾ ٽڪر غلط ڊرائيونگ سبب ٿيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪندي چيو ته ڊرائيونگ جي اصل تي عمل ڪيو وڃي ۽ تيز رفتاري کان پاسو ڪريو.

ڪلوئي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.

نيتاويري اسٽاپ وٽ ٽائر ڦاٽڻ سبب سوزوڪي ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ منان ڪنڀر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فاطمه، سوني، رحيمان، هارون ۽ نويد سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مٺي جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.

زخمين کي حيدرآباد ۽ ٻين اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

سن ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.

خاڻوٺ ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو..

حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار دودو ملهواڻي زخمي ٿي پيو.

زخمي کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

نئون ڪوٽ ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڍڳيون مري ويون آهن.

اڪوٽا شاخ وٽ ٿرپارڪر کان چوپايو مال کڻي ويندڙ گاڏي ڍڳيون ڪاهي ويندڙ ڌنار کي ٽڪر هنيو.

حادثي جي نتيجي ۾ محمد حسن گجو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڍڳيون به مري ويون.

اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون