- Advertisement -
مانجهند ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز ۾ ڪم دوران ڇِپ ڪرڻ سبب ٽي پورھيت دٻجي فوت ٿي ويا جن مان هڪ جو لاش ڪڍيو ويو.
مومل ڪول ڪمپني جي کاڻ نمبر 32 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڇپ ڪري پئي.
ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڇپ ڪرڻ سبب ٽي پورهيت پير سيد، رحمان گل ۽ انور زمين پٺاڻ، دٻجي ويا.
انتظاميا ڏهن ڪلاڪن جي ڪوشش کانپوءِ هڪ پورهيت پير سيد جو لاش کاڻ مان ڪڍي ورتي جڏهن ته ٻن ڄڻن رحمان گل ۽ انور زمين خان جي ڳولا جاري آهي.
ڪمپني انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻه پورهيت اڃان کاڻ اندر موجود آهن جيڪي فوت ٿي چڪا آهن، سندس لاش ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ڪمپني موجب، فوتي پورهيت پير سيد جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا آهن جتي سندس تدفين ڪئي ويندي..- Advertisement -
