تازه ترين

مانجهند ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ 9 ڏينهن اڳ دٻجي ويل ٽن پورهيتن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن

مانجهند ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ 9 ڏينهن اڳ دٻجي ويل ٽن پورهيتن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، پورهئي ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير جنيد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي   رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويل پورهيت خليل احمد، سميع الرحمان ۽ حامد الرحمان جا لاش ريسڪيو آپريشن بعد 9 ڏينهن کانپوءِ ڪڍيا ويا.

پوليس ٽنهي پورهيتن جا لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

جنازي نماز بعد ٽنهي پورهيتن جا مڙهه اباڻي علائقي اماڻيا ويندا.

9ڏينهن اڳ پورهيت خليل احمد پٺاڻ، سميت ٽي ڄڻا ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويا هئا. پورهئي ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير جنيد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
12 %
2.3kmh
0 %
آچر
18 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون