پاڪستاني جي سپر اسٽار ۽ خوبصورت اداڪارا ماھرا خان ٻي شادي بابت سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي .
ميگا لائف اسٽائل ۽ ديوا ميگزين جي طرفان دعويٰ ڪئي وئي تھ ماھرا خان جي شادي جي تقريب ايندڙ مھيني سيپٽمبر ۾ پنجاب جي نالي واري ھل اسٽيشن تي ٿيندي.
اھا بھ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ ماھرا خان جي شادي سندس پراڻي دوست سليم خان سان ٿيندي.
ماھرا خان جي مئنيجر طرفان خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو.
واضح رھي تھ ان کان اڳ بھ ماھرا خان ۽ سليم ڪريم جي ترڪيھ ۾ مڱڻي جون خبرون سامھون آيون ھيون. ماھرا خان پھرين شادي 2007ع ۾ علي عسڪري سان ڪئي ھئي، 2015 ۾ ٻنھي ھڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو