تازه ترين

مايوسي پکيڙڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي؛ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته مايوسي پکيڙڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي،  ملڪ مان ناڪاري روين کي ختم ڪرڻو پوندو،  ميڪرو اڪنامڪ معيشيت ۾ پاڪستان مضبوط ملڪ آهي، ماڻهو وڏن قرضن بابت ڊيڄاري رهيا آهن پر ڪجهه نه ٿيندو، حڪومت هر قسم جي چئلينجن جو مقابلو ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ملڪ مان ناڪاري روين کي ختم ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ معاشي ترقي جا موقعا موجود آهن، رنڊڪون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته ميڪرو اڪنامڪ معيشيت ۾ پاڪستان مضبوط ملڪ آهي، ماڻهو ڊيڄاريندا آهن وڏو قرض آهي، هي ٿي ويندو، ڪجهه نه ٿيندو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪجهه عنصر پاڪستان کي ڏيوالي جو شڪار ڪرڻ چاهن پيا، پر حڪومت جو هڪ ئي ايجنڊا هو ته ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو وڃي، معاشي مضبوطي لاءِ سڌارا وقت جي گهرج آهن.

هن چيو ته هو هر قسم جي چئلينج جو مقابلو ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن باوجود ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي، ترقي جي رستي ۾ ايندڙ اسپيڊ بريڪرن کي ختم ڪرڻو پوندو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ خطي ۾ سڀ کان بهتر وڃي رهي آهي، شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ اضافو حڪومت جي ايجنڊا آهي، مهانگائي 30 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 10 سيڪڙو تي اچي وئي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون