سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڳوٺاڻن جي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪري رھي آھي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڳوٺ ماڙي جلباڻي تي چڙھائي ڪئي ، نتيجي ۾ چار ڳوٺاڻا مارجي ويا ۽ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 6 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا.
درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ھاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراھي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.
درخواست موجب بي گناھھ ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ پوليس پاران واقعي جي جوابدارن بدران متاثرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جيڪا سراسر ناجائزي آھي.