- Advertisement -
مبارڪپور ويجهو موسيٰ الله آباد شاخ کي ٽن هنڌن تان گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
موسيٰ الله آباد شاخ کي گهارن سبب ڳوٺ گل پسند بنگلاڻي، مور خان کوسو ۽ علي شير بنگلاڻي جا سوين گهر پاڻي هيٺ اچي ويا.
گهارا پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي لڳل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو ناهي پهتو، پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا بند ڪري رهيا آهيون.- Advertisement -
