مبارڪپور ويجهو مبينا اغوا ٿيل نوجوان ڪنڌڪوٽ باءِ پاس وٽان ھٿ آيو آهي
پنج ڏينهن اڳ ڳوٺ ڪجلو بمبل واسي پورھيت منير احمد بمبل کي اڻڄاتل ڪار سوار جيڪب آباد باءِ پاس وٽان کڻي ويا ھئا.
بازياب ٿيل منير احمد بمبل چيو ته کيس ڌاڙيل ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ کڻي ويا ھئا غريب ھجڻ ڪري کيس ڇڏي ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي اغوا بابت ڪنھن به قسم جو اطلاع ناھي مليو.
علائقي واسين موجب، نوجوان گھران ڪاوڙجي نڪري ويو ھو ۽ فون به بند ڪري ڇڏي هئي.