محرابپور ۾ سيپڪو طرفان بجلي چورن ۽ رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري 16 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايس ڊي او سيپڪو مطيع الله اعواڻ جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن ڪيو ويو.
سيپڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريسن دوران ڪيترائي غير قانوني بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا.
سندن وڌيڪ چوڻ ه ته بجلي چورن ۽ رهتون ادا نه ڪندڙ 16 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.