تازه ترين

محرابپور: ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ جو پٽ بازياب نه ٿي سگهيو

محرابپور مان اغوا ٿي ويل ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ جو نوجوان پٽ انجنيئر علي حسن ميمڻ ساڍن چئن مهينن کان بازياب نه ٿي سگهيو آهي.

نوجوان پٽ جي صدمي ۾ سندس امڙ بي حال ٿي وئي ۽ طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

ڊاڪٽر بشير ميمڻ جو چوڻ آھي ته اڳوڻي آئي جي سند غلام نبي ميمڻ جي نوٽيس باوجود سندس پٽ جي بازيابي لاءِ پوليس انتظاميه ڪي به اپاءَ ناهن ورتا.

هن چيو ته اڳوڻي آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڊي آءِ جي سکر ٽيم جوڙي هئي جنهن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو.

ڊاڪٽر بشير ميمڻ چيو ته آفيسن جا ڪيترائي ڀيرا چڪر پڻ ڪاٽيا آهن پر ڪوڙن دلاسن ۽ ڏٽن کان سواءِ کيس ڪجه به نه ڏنو ويو آھي.

هن سنڌ جي نگران وڏي وزير کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس معصوم پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون