تازه ترين

محرابپور  ۾ معصوم نينگريءَ سان زيادتي جي ڪوشش

محرابپور  ۾ معصوم نينگريءَ سان زيادتي جي ڪوشش دوران پاڙيوارن پهچي کيس بچائي ورتو ۽ الزام هيٺ آيل شخص گرفتار ڪري کيس داخل ڪيو ويو آهي.

وارڊ نمبر هڪ نوناري محلي جي رھواسڻ 13 سالن جي ڌرويش صفت معصوم نينگري سان محرابپور واسي پاران مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.

 نينگري جي دانھن تي سنڌس والدن ۽ مائٽن پاڙي واري جگھه  ۾ پھچي کيس بچائي ورتو.

نينگري جي وارثن جوابدار کي مار ڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

محرابپور پوليس نينگري جي والد گلفراز نوناري جي فرياد تي صاحب سھتو خلاف زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي فريادي گلفراز نوناري چيو ته سندس نياڻي جنهن جو ذھني توازن درست نه آھي شي وٺڻ لاءِ پاڙي جي دڪان تي وئي ته صاحب سھتي ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي.

پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون