- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني سفير ملاقات ڪئي، جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم گهرو وزارت پهتو، جتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سندس آجيان ڪئي.
ملاقات ۾ ايراني صدر جي پاڪستان دوري جي حوالي سان ڳالهيون ۽ قطعي انتظامن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ايراني صدر جي دوري دوران تجويز ڪيل معاهدن بابت ڳالهيون ٿيون.
ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ايراني صدر جي دوري جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ محسن نقوي کي گهرو وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني جڏهن ته نگران وڏي وزير طور محسن نقوي جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو.
ان موقعي تي ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم چيو ته اوهان جي وڏي وزير جي دور ۾ عوامي منصوبا غير معمولي رفتار سان مڪمل ڪيا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايراني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته علاقائي صورتحال جي حوالي سان ايراني صدر جو دورو انتهائي اهم آهي، سندس دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ۽ ٻين چيلنجز کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ايران سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسندو آهي، خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي.- Advertisement -
