تازه ترين

محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪري فنشنگ ورڪ کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪري فنشنگ ورڪ کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

صبح سوير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور پهتو.

محسن نقوي مختلف فلورن ۽ هاسپٽلٽي باڪسز جي فنشنگ ورڪ جو معائنو ڪيو.

چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، فنشنگ ورڪ تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين باڪسز سامهون لڳايل ريلنگ جو معيار چيڪ ڪيو ۽ باڪسز ٻاهران لڳايل سيٽن تي ويهي گرائونڊ ڏٺو.

محسن نقوي فلورن جي فنشنگ ورڪ جو معيار چيڪ ڪيو ۽ فنشنگ ورڪ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته فنشنگ ورڪ ۾ معيار کي يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ست فيبروري تي اسٽيڊيم جو افتتاح ڪندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته چيمپئنز ٽرافي جون ميچون ڏسڻ وارا شوقين نئين اسٽيڊيم جي سهولتن مان مزو ماڻي سگهن ٿا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون