تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪري فنشنگ ورڪ کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪري فنشنگ ورڪ کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صبح سوير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور پهتو. محسن نقوي مختلف فلورن ۽ هاسپٽلٽي باڪسز جي فنشنگ ورڪ جو معائنو ڪيو. چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، فنشنگ ورڪ تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين باڪسز سامهون لڳايل ريلنگ جو معيار چيڪ ڪيو ۽ باڪسز ٻاهران لڳايل سيٽن تي ويهي گرائونڊ ڏٺو. محسن نقوي فلورن جي فنشنگ ورڪ جو معيار چيڪ ڪيو ۽ فنشنگ ورڪ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته فنشنگ ورڪ ۾ معيار کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ست فيبروري تي اسٽيڊيم جو افتتاح ڪندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته چيمپئنز ٽرافي جون ميچون ڏسڻ وارا شوقين نئين اسٽيڊيم جي سهولتن مان مزو ماڻي سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون