- Advertisement -
مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن.
ٽنڊي الهيار ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
پير ڪاٺي اسٽاپ وٽ ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ رمضان آرائين ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مريد بهراڻي ۽ الهرکيو سمون زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
شيخ ڀرڪيو ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن.
محمد شاخ وٽ موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڊاٽسن ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڊاٽسن ڊرائيور گلاب ناريجو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته گلشير، غلام سرور، محمد اسلم ۽ شهزاد سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ٽنڊو محمد خان پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ۽ زخمين جو تعلق بڪيرا شريف جي مختلف ڳوٺن سان آهي، جيڪي مال جي واپار لاءِ ٽنڊو محمد خان مال پڙي اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.
فيض گنج واسي پنجاب ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.
فيض گنج واسي جي يو آءِ اڳواڻ عظيم الدين شر گجرانوالا ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد ڳوٺ جاڙو خان شر ۾ تڏو وڇايو ويو.
جي يو آءِ اڳواڻ عظيم الدين شر جو مڙهه گجرانوالا کان ڳوٺ آندو پيو وڃي……….- Advertisement -
