مخدوم جميل الزمان سانگهڙ پهچي چوٽياريون ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن طرفان لاش رکي هنيل ڌرڻو ۾ شرڪت ۽ جاري رکڻ جو اعلان

- Advertisement -
پ ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي سربراهه مخدوم جميل الزمان متاثرن جي ڀرپور حمايت ۽ ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته  بااثرن ٽن ماڻهن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، متاثرن سان انصاف ٿيندو ۽ مرضي موجب ڪيس داخل ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو. پ پ ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي سربراهه مخدوم جميل الزمان سانگهڙ پهچي چوٽياريون ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن طرفان لاش رکي هنيل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. مخدوم جميل الزمان جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکڻ جو  اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي متاثرن سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته  چوٽياريون ۾ ٽن ڄڻن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيو ته  مقتولن جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ضرور ٿيندو،  هو حڪومت کي منٿ ڪندو. سندس چوڻ هو ته کيس پ پ کان وڌيڪ سروري جماعت پياري آهي. مخدوم جميل الزمان چيو ته پ پ جي ڪنهن به اڳواڻ ساڻس ڪو به رابطو نه ڪيو آهي،  کين مجبور نه ڪيو وڃي ته سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو وڃي. هن چيو ته  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سندن پارٽي اڳواڻ آهي، يقين آهي ته هن ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جو ٿورائتو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
20%
1.1m/s
16%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون