- Advertisement -
پ پ ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان سنڌ جو ڪنٽرول فوج حوالي ڪرڻ واري مطالبي بعد ڪي فور رٿا مڪمل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکيو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ مخدوم جميل الزمان جي فوج مقرر ڪرڻ واري مطالبي جي مذمت ڪندي پ پ قيادت ۽ مخدوم خاندان ۾ اختلافن جي ترديد ڪئي آهي.
مخدوم جميل الزمان، وزيراعظم شهبازشريف کي خط لکيو.
خط ۾ مخدوم جميل الزمان وزيراعظم شهبازشريف کي ڪي فور منصوبو مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
وزيراعظم کي لکيل خط ۾ مخدوم جميل الزمان چيو ته ڪراچيءَ ۾ روزانو هڪ ارب ملين گيلن کان وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي، پر حڪومت ڪراچيءَ کي 500 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪري ٿي، جنهن ڪري شهر ۾ پاڻي کوٽ جا مسئلا آهن ۽ شهري ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا.
مخدوم جميل الزمان چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سندس فرض هو ته ان معاملي ڏانهن وزيراعظم جو ڌيان ڇڪائي.
هوڏانهن پ پ اڳواڻ شگفتا جماڻي مخدوم جميل الزمان جي فوج جي مطالبي واري بيان مذمت ڪندي پ پ قيادت ۽ مخدوم خاندان ۾ اختلافن جي ترديد ڪئي آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي شگفتا جماڻي چيو ته مخدوم جميل الزمان جو فوج مقرر ڪرڻ وارو بيان سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ سرڪار امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيوته سنڌ سرڪار مسلسل وفاقي حڪومت کان ڪي فور رٿا مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي، مخدوم جميل الزمان کي ڪي فور جو معاملو اٿارڻو هو ته خط لکڻ بدران پارليامينٽ ۾ اٿاري ها.
شگفتا جماڻي چيو ته مخدوم جميل الزمان جي پارٽيءَ ۾ پوزيشن مضبوط آهي، سندس پٽ سنڌ ڪابينا جو حصو آهي، مخدوم خاندان کي ڪٿي به نظرانداز نه پيو ڪيو وڃي.
پ پ اڳواڻ چيو ته مخدوم جميل الزمان کي ڪي خدشا آهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر مملڪتي آصف علي زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر آڏو رکي سگهي ٿو، باقي پارٽي اندر ڪي به اختلاف ناهن.- Advertisement -
