- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته چونڊن ۽ آدمشماري ۾ سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي، ملڪي مسئلن جو حل هڪ منصفاڻي، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي.
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن جي ڪانفرنس واري جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته زرداري صاحب سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آهي، صوبي جي وسيلن ۽ معدنيات کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي، چونڊون ۽ آدم شماري جعلي توڙي فراڊ آهي، سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو.
هن چيو ته سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا غير محفوظ آهن، اسمگلنگ، جبري شادي ۽ ٻارن جي شادي موتمار زهر آهن، ماڻهو چنڊ ۽ مريخ تي لهي ويا آهن، هو قبيلائي ۽ عورتن تي ظلم ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت، اڳواڻن ۽ سردارن سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ قتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، فاطمه، پريا، جان مهر ۽ گڏاڻي جي ڪيس ۾ بااثر شخصيتون ملوث آهن.
هن چيو ته پاڪستان کي عورتن ۽ اقليتن جي تحفظ ۽ برابري ذريعي ڪامياب بڻائڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ دشمني آهي، سنڌ تباهه ٿي رهي آهي، پارليامينٽ، عدالتون ۽ ميڊيا پنهنجي بي حسي ختم ڪن.
اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ذهني مريض بڻجي ويا آهن، وڏين طاقتور پارٽين جي ايجنڊا مان سنڌ غائب آهي، اهي صرف اقتدار چاهين ٿا،ملڪي جي مسئلن جو حل هڪ منصفاڻي، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي.- Advertisement -
