مديجي ويجهو ڪلهوڙا جوڻيجا تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ ڳوٺاڻي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌيل 9 ٿي ويو.
اربع ڏينهن ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل غلام محمد جوڻيجو خانگي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي.
ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو، جڏهن ته هيل تائين مارجي ويلن جو ٽوٽل انگ 29 ٿي ويو آهي.
جهيڙيندڙ ڌريون مورچا بند بڻيل آهن، جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي.