تازه ترين

مذمتي بيان فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ ڪافي نه آهن : فيصل بن فرحان

- Advertisement -
سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته مذمتي بيان فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ مذمتي بيان ڪافي نه آهن. سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان گڏيل قومن جي ريليف ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي (انروا) جي ڪمشنر فلپ لازاريني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي حڪومت ۽ گڏيل قومن جي اداري جي عملدارن شرڪت ڪئي. عرب ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب غزه پٽي ۾ جنگ بندي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو اهي، هو غزه ۾ اسرائيلي فورسز طرفان جاري وحشياڻي نسل ڪشي جي مذمت ڪن ٿا. سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته فلسطيني رياست جو قيام اسرائيل سان لاڳاپا قائم جي پهرين شرط آهي. هن چيو ته غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي جلد عرب اسلامي سربراهه اجلاس سڏايو ويندو، سعودي عرب فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي مڪمل حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ انروا جي ڪمشنر چيو ته اسرائيل يو اين آر ڊبليو اي جون سرگرميون ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، اسرائيلي ڪاررواين سبب اولهه ڪناري جي صورتحال انتهائي سنگين سطح تي پهچي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.2 ° C
4.2 °
4.2 °
34 %
1.9kmh
0 %
آچر
13 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °
خميس
10 °

تازه ترين خبرون