تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

مراد علي شاهه سان ايراني قونصل جنرل حسن نورين ۽ وائيس قونصل جنرل علي خوشرو سان ملاقات

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي قونصل جنرل حسن نورين ۽ وائيس قونصل جنرل علي خوشرو ملاقات ڪئي، اڳواڻن وچ ۾ گڏيل واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايران سان سندن تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 بلين ڊالرز جو واپار جاري آهي. ايراني قونصل جنرل جو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته ٻه طرفو واپار وڌائي 3 بلين ڊالرز ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گوشت ۽ ميوا خاص طور تي سنڌڙي انب ۽ لاڙڪاڻي جا زيتون سنڌ مان ايران ايڪسپورٽ ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايراني قونصل جنرل وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري وفدن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايران جي قونصل جنرل طرفان سنڌ جي وڏي وزير کي ايران ۾ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ايران ۾ نومبر مهيني ۾ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو پيو وڃي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪراچي کان ايران جي علائقي چابهار وچ ۾ ٻيڙي سروس شروع ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻيڙي سروس شروع ڪئي وڃي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمام گهڻي سهولت ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
3 %
9kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون