تازه ترين

غوثپور: مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

غوثپور واسي ٽن مغوين جي بازيابيءَ ۽ روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿي پيا آهن.

ڪشمور پوليس ۽ رينجرز ٽن مغوين جي بازيابيءَ ۽ روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو.

ڪارروائي دوران انعام رکيل ڌاڙيل امداد عرف امدو ڀيو سميت 2 ڌاڙيل موت جو کاڄ بڻجي ويا جڏهن ته 4 ڏوهاري زخمي ٿي پيا.

ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته ددڙ پوليس پڪٽ تي حملي ڪندڙ ٽولي جو سربراهه امداد عرف امدو ڀيو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو جاري آهي.

هن چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل امداد عرف امدو ڀيو 50 ڪيسن ۾ گهربل هئڻ سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ غوثپور مان اغوا ٿيل ٽن ٿيل ٽن ڄڻن جي اغوا ۾ پڻ ملوث هو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار طرفان 5 لک رپيا انعام رکيل هو ۽ امداد عرف امدو ڀيو جي سر تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام جي سفارش ٿيل هئي.

ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي چيو ته امن امان خراب ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائي جاري رکي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون