- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قانون مٿان قانونسازي ڇو ڪئي پئي وڃي، اهڙو قانون ڇو آندو پيو وڃي جنهن مان سڀاڻي ڪو غلط فائدو حاصل ڪري، وفاقي وزير کي قاديانين جي چالاڪين جي خبر ناهي، قاديانين کي رستو ڏيندڙ ڪا به قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مسئلو اقليتن جي حفاظت جو ناهي، اقليتن جي حقن لاءِ سڀني جي سوچ هڪ جهڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته اهڙو قانون ڇو آندو پيو وڃي جنهن مان سڀاڻي ڪو غلط فائدو حاصل ڪري.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته هي مختلف معاملو آهي، قانون مٿان قانونسازي ڇو ڪئي پئي وڃي؟.
مولانا فضل الرحمان چيو ته وفاقي وزير کي قاديانين جي چالاڪين جي خبر ناهي، قاديانين کي رستو ڏيندڙ ڪا به قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي، ستاويهين آئيني ترميم سان آئين ۾ هڪ زخم محسوس ڪيو ويندو.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسلام خلاف ڪنهن به قسم جي قانونسازي ممڪن ناهي، قاديانين جو مسئلو تمام گهڻو حساس آهي، آئين ۾ لفظ اقليت ناهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته گورنر راڄ مسئلن جو حل ناهي، ڪنهن به غير جمهوري عمل جي حمايت نه ڪندا.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي علامه راجا ناصر عباس چيو ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جمهوريت، قانون ۽ فيصلا سازي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر جو نه هئڻ ڪا سٺي ڳالهه نه آهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ سينيٽر عبدالقادر پٽيل چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قاديانين کي ڪافر قرار ڏنو آهي، مخالف ڌر اسرائيل خلاف ڪو به بيان نه ڏنو آهي.
هن چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي بيان جي حمايت ڪن ٿا ۽ اهو چئي ايوان مان ٻاهر هليو ويو.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي پير نور الحق قادري چيو ته اقليتن سان ڪو به مسئلو ناهي، قادياني اسلام کي غلط نموني پيش ڪندا آهن.- Advertisement -
