تازه ترين

مستقبل جي نسلن کي سنوارڻ لاءِ استادن جي ڪردار جو اعتراف ڪندي استادن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهن:صدر

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اهي مستقبل جي نسلن کي سنوارڻ لاءِ استادن جي ڪردار جو اعتراف ڪندي استادن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهن. استادن جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي آصف علي زرداري چيو آهي ته استاد معاشري جا معمار آهن، نوجوان ذهنن جي پرورش ڪن ٿا. صدر جو چوڻ هو ته قابل استاد شاگردن ۾ تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيت ۽ اخلاقي قدر پيدا ڪن ٿا. هن چيو ته استادن کي تربيت ۽ پيشيوراڻي ترقي جي موقعي تي فقدان جهڙين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر زرداري جو چوڻ هو ته استادن جي ڀرتين، لاڳيتو تعليم ۽ تربيت ۽ استاد لاءِ معيار مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ نگراني ۽ ڪارڪردگي جي جائزي جو هڪ جامع نظام ٺاهڻ پڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته استادن کي ڪم لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته استادن جو علم ۽ تجربا سندن تعليمي نظام بهتر بڻائڻ ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اچو ته استادن کي بااختيار بڻائڻ، انهن کي عزت، مڃتا ۽ سهولتون ڏيڻ جو واعدو ڪريون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
44 %
1.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون