تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مستونگ ۾ گرلز اسڪول ڀرسان ڌماڪو، پنجن شاگردن ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ۽ اسڪولي ٻارڙن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سول اسپتال چوڪ تي گرلز اسڪول ويجهو ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اسڪولي ٻارڙا ۽ هڪ پوليس اهلڪار ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي بعد مارجي ويل جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ ٽن زخمين علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. ڌماڪي ۾ سول اسپتال چوڪ تي موجود پوليس موبائل ۽ رڪشا سميت ڪيترين يئي گاڏين کي به نقصان پهتو. صحت واري صوبائي وزير بخت ڪاڪڙ ۽ سيڪريٽري صحت مجيب الرحمان سول اسپتال ڪوئيٽا، بي ايم سي اسپتال ڪوئيٽا ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. سمورين ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرز، فارماسٽس، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اسپتالن ۾ گهرائي ورتو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن غريب پورهيتن بعد هاڻي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو، انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگردن سافٽ ٽارگيٽ ۾ هاڻي معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻايو، هو معصوم ٻارن ۽ بيگناهه ماڻهن جي رت جو حساب وٺندا. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته شهري آبادي ۾ مقامي ماڻهن کي به دهشتگردن تي نظر رکڻي پوندي، گڏ ٿيڻ سان ئي دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
35 %
1.7kmh
99 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون