تازه ترين

مسعود پز شڪيان ايران جو نئون صدر چونڊجي ويو: ايراني اليڪشن ڪميشن

ايراني صدارتي اليڪشن مسعود پزشڪيان کٽي ويو، هن اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪامياب ماڻي، جڏهن ته گهرو وزارت، مسعود پز شڪيان جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ايراني اليڪشن هيڊ ڪوارٽرز جو چوڻ آهي ته 3 ڪروڙ ماڻهن اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيا.

غير سرڪاري نتيجن موجب صدارتي اميدوار پز شڪيان هڪ ڪروڙ 63 لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سعيد جليلي هڪ ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ ووٽ کڻي سگهيو.

صدارتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ٽرن آئون 49 سيڪڙو رهيو.

پهرين مرحلي ۾ ووٽنگ جو ٽرن آئون 1979ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ هو.

28 جون تي صدارتي اليڪشن ۾ ڪوبه اميدوار گهربل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو هو.

نئين چونڊيل ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته هو سڀني جي طرف دوستي جو هٿ وڌائيندو، سڀني سان گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون