مسلمان ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: اسحاق ڊار

- Advertisement -
پاڪستان غزا ۾ فوري طور جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته او آءِ سي عالمي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار  ادا ڪري سگهي ٿي، مسلمان ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. گيمبيا ۾ او آءِ سي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته هو اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ جي مذمت ڪن ٿا، او آءِ سي پاران اسلامو فوبيا بابت خاص نمائندي جي مقرري ساراهه جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته او آءِ سي عالمي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار  ادا ڪري سگهي ٿي، مسلمان ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪ غزه ۾ جنگبندي ۽ بنا دير انساني امداد لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هو خودمختار فلسطيني رياست ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ لاءِ حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي، او آءِ سي والاريل ڪشمير بابت ايڪشن پلان تي عمل ڪري. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي اڳواڻن جي پاڪستان مخالف بيانن سان علاقائي استحڪام کي خطرو آهن، پاڪستان پرڏيهي اسپانسرڊ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
29%
2.6m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون