تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان مستقبل ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق

- Advertisement -
مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان مستقبل ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت ۾ اهم ملاقات ٿي. ن ليگ طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ايم ڪيو ايم پاران خالد مقبول صديقي وفد جي قيادت ڪئي. ملاقات ۾ مسلم ليگ نون جو صدر شهباز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ راڻا مشهود شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾ صلاح مشوري جو سلسلو تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو. ملاقات ۾ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت تفصيلي صلاح مشورو ڪيو ۽ تجويزن تي خيالن ڏي وٺ ٿي. مسلم ليگ نون، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ٺاهه ڪرائڻ تي به راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. اڳواڻن مجموعي سياسي صورتحال ۽ هن وقت تائين ٿيل رابطن بابت هڪٻئي کي اعتماد ۾ ورتو. ان کان اڳ رائيونڊ آمد تي مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف، صدر شهباز شريف ۽ ٻين ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون