تازه ترين

مشهور فلم اسٽار جاويد شيخ سميت 5 ڄڻن خلاف فراڊ جو ڪيس داخل

مشهور فلم اسٽار جاويد شيخ سميت 5 ڄڻن خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

راولپنڊي جي روات ٿاڻي جي پوليس زال مڙس جي فرياد تي مشهور فلم اسٽار جاويد شيخ ۽ ٻين 5 ڄڻن خلاف قلم 420 فراڊ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

امجد محمود ۽ سندس گهرواري ارم امجد درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته فلم اسٽار جاويد شيخ، جهانزيب عالم، جمال خان، راڻا زاهد، اظهر حسين ۽ سمير جدون کين فون ڪري دوکو ڏنو ته هو هر مهيني 7 سيڪڙو منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ ريگيولر اسٽيمپ ذريعي معاهدو ڪندا.

هنن چيو ته کين ڪاغذ ۽ 50 لک رپيا ڏنا ويا، هاڻي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، اسان منافعو گهريو ته هنن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ، اصل رقم به ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

هنن چيو ته پهريان پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن کان پوءِ اسان کي عدالت وڃڻو پيو، عدالتي حڪم تي پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون