مصر جي راڄڌاني قاهره۾ غزه جنگبندي لاءِ قطر، مصر، حماس ۽ امريڪا ۾ ڳالهيون جاري آهن

- Advertisement -
مصر جي راڄڌاني قاهره۾ غزه جنگبندي لاءِ قطر، مصر، حماس ۽ امريڪا ۾ ڳالهيون جاري آهن. مصري ميڊيا موجب اسرائيل به ڳالهين لاءِ پنهنجو وفد قاهره موڪليو آهي، جڏهن ته آمريڪي ڳجهي اداري جو سربراهه وليم برنس اڳ ئي اتي موجود آهي. مصري ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڳالهيون حماس پاران منظور ڪيل تجويزن جي بنياد تي حتمي معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ٻئي پاسيحماس اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غزه تي جارحيت جاري رهي ته جنگ بندي جو معاهدو نه ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حماس جي اڳواڻ اساما حمدان پنهنجي بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي فوج رفح ۾ ڪارروائي جاري رکي ته پوءِ جنگ بندي جو معاهدو نه ٿيندو. هن چيو ته بال هاڻي نيتن ياهو جي ڪورٽ ۾ آهي، حماس جنگبندي واري تجويز جنهن تي اتفاق ڪيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي جي زميني فوج رفح ڪراسنگ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. عرب ميڊيا موجب، اسرائيل مصر جي رستي کان ايندڙ عالمي امداد به روڪي ڇڏي آهي. هوڏانهن گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران امداد روڪڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ خوراڪ جي فراهمي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته رفح تي مڪمل حملو اسرائيل جي اسٽريٽجڪ غلطي هوندي، انسان خوفناڪ تباهي اچي سگھي ٿي. ٻئي پاسي گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه ۾ وڌيڪ 50 فلسطينين کي شهيد ۽ ڪيترن کي ئي زخمي ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ شهيدن جو مجموعي انگ 34 هزار 789 ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
41%
1.4m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون