تازه ترين

مصر جي صدر غزه ۾ قيد 4 اسرائيلي قيدين جي بدلي غزه ۾ صرف 2 ڏينهن جي جنگ بندي جي نئين تجويز پيش ڪئي آهي

- Advertisement -
مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي غزه ۾ قيد 4 اسرائيلي قيدين جي بدلي غزه ۾ صرف 2 ڏينهن جي جنگ بندي جي نئين تجويز پيش ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، مصري صدر طرفان پيش ڪيل تجويز ۾ چيو ويو آهي ته 4 اسرائيلين جي بدلي ۾ اسرائيلي جيلن ۾ قيد ڪجهه فلسطينين کي آزاد ڪيو ويندو ۽ غزه ۾ 2 ڏينهن جي جنگ بندي هوندي. مصري صدر چيو ته تجويز ۾ اهو نتڪو به شامل آهي ته هن عارضي جنگبندي جي 10 ڏينهن اندر مستقل جنگ بندي لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا موجب، حماس ۽ اسرائيل طرفان ان تجويز تي ڪو به رد عمل ناهي ڏنو ويو. ٻئي طرف اسرائيل جو چوڻ آهي ته غزه مان حماس جو خاتمو ٿيڻ تائين جنگ ختم نٿي ٿي سگهي. واضح رهي ته مصري صدر جي بيان دوران اسرائيلي ۽ مصري وفدن به قطر ۾ جنگندي ڳالهين جي بحالي لاءِ ملاقات به ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
45 %
1.6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
30 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون