تازه ترين

مصر وڏي تعداد ۾ فلسطينين کي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان پويان اهو خيال موجود آهي ته غزه جي شهرين کي پناهه ڏيڻ ۽ مصر جي طرف هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي پر ان کي قبول نه ڪرڻ گهرجي . هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته مصري عوام لکين جي تعداد ۾ ٻاهر نڪري احتجاج ڪندو، قاهره پهريان ئي خبردار ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن ان کي عرب دنيا ۾ عوامي ڏک ۽ ڪاوڙ کي ڀڙڪائڻ واري اهڙي ڪنهن معاهدي ۾ ملوث ڪيو ويو ته اها ڳالهه مصري حڪومت لاءِ به گهڻي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. مصر جي صدر جو چوڻ هو ته ماڻهن جي ڪنهن به قسم جي آمد نه رڳو مصر جي موجوده اقتصادي بحران کي وڌائي سگهي ٿي پر سڪيورٽي خدشن کي به وڌائڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ بعد برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري جي مصر جي دوري جو امڪان آهي. چيو پيو وڃي ته اسرائيل غزه جي 23 لک ماڻهن کي مصر منتقل ڪرڻ چاهي ٿو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
8 %
5.3kmh
10 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون